اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کاريان موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد ۽ مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کاريان موٽروي منصوبي جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. 69 ڪلوميٽر تي ٻڌل سيالڪوٽ – کاريان موٽروي منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٻن سالن جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. سيالڪوٽ – کاريان موٽروي سمبڙيال ا??ٽرچينج کان شروع ٿئ?? ٿي ۽ سيالڪوٽ ۽ گجرات جي ضلعن ?? جلالپور جٽان، گجرات، لالا موسيٰ، دولت نگر شهرن جي ويجهو کان گذر?? ٿي جنڊ شريف وٽ ختم ٿئ?? ٿي. ان موٽروي جي پڄاڻي کاريان جي ڏکڻ اوڀر ۾ اٽڪل 11 ڪلوميٽر 7 قومي شاهراهه (اين 5) کان اٽڪل 9 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٿئ?? ٿي. 4 لين جي ان موٽروي تي 5 انٽرچينجز، هڪ سروس ايريا ۽ 2 ٽول پلازا تعمير ڪيا ويندا. ان منصوبي جي پي سي ون جي لاڳت 32.103 ارب رپيا آهي ۽ ان کي 2 سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. سيالڪوٽ (سمبڙيال) کاريان موٽروي جي تعمير ۽ مڪمل ٿيڻ سان علائقي جي عوام کي جتي سموريون بنيادي سفري ??هولتون ملنديون اتي انهن کي روزگار جا موقعا پڻ ملندا ۽ اهي خوشحال ٿي ملڪي ترقي تي وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي قابل ٿي سگهندا. سيالڪوٽ راندين جي ??صن??عات جي تياري ??ي حوالي سان پوري ??نيا ۾ شهرت رکندڙ شهر آهي. ڄاڻايل موٽروي جي تعمير سان انهن ??صن??عات جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ چرپر ۾ مدد ملندي جنهن سان ملڪ جي ترقي ۾ هڪ ٻئي سنگ ميل جو اضافو ٿيندو.
وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کاريان موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکيو
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ