اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود چيو آهي ته پاڪستان قطر سان گڏيل دلچسپي جي ??مورن شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي آفيس موجب اها ڳالهه هن قطر جي ??لائقائي معاملن بابت معاون پرڏيهي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز بن صالح الخليفي سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري ۽ قطر جي ??لائقائي ۽ عالمي معاملن بابت معاون پرڏيهي وزير خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ گهڻ رخي پاڪ قطر لاڳاپن جو جائزو به ورتو. پرڏيهي سيڪريٽري ٻطرفي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي گڏيل دلچسپي جي ??مورن شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو، هن علائقائي امن ۽ استحڪام خاص طور تي افغان امن عمل جي ڏس ۾ قطر جي ??عميري ڪردار کي به ساراهيو. پرڏيهي سيڪريٽري افعان عوام جي فوري انساني ۽ اقتصادي ضرورتن کي حل ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو، هن چيو ته 40 سالن جي ??ڪرارن ۽ عدم استحڪام کانپوءِ افغانستان ۾ امن کي مستحڪم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو مليو آهي ۽ اسان کي ان موقعي مان فائدو کڻڻ گهرجي. قط?? جي معاون پرڏيهي وزير افغانستان ۾ انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آب??د ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ??ير معمولي اجلاس جي ٺوس نتيجن تي پاڪستاني قيادت کي ساراهيو. هن 48 هين اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي پاڪستان کي مبارڪباد به ڏني، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود قط?? جي معاون پرڏيهي وزير کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??نگين صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت پاران پاڪستان تي ميزائل فائر ڪرڻ جي ??ازي واقعي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي، انهن حقيقتن تائين پهچ لاءِ گڏيل جاچ جي ??رورت آهي، هن چيو ته جتي پاڪستان صبر ۽ تحمل ۽ ذميداري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي اتي ڀارت جو غير ذميواراڻو طرز عمل علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خ??رو آهي.
پاڪستان قطر سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي: سهيل محمود
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز