اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي ممل??تي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ خميس ڏينهن اسلام آباد کان ثمرقند روانو ٿيندو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??مرقند ايئرپورٽ کان حضرت خضر ڪم??ليڪس ويندو جتي هو مسجد خضر سميت اسلام ڪاري – موف جي مزار تي پڻ ويندو جنهن کانپوءِ وزيراعظم ??اجڪستان جي صدر امام امام علي رحمان ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيئوف ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان جدا جدا ملاقات ڪندو. وزيراعظم ??يراني صدر ابراهيم رئيسي، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر گريگوري – وچ لوڪا شينڪو ۽ ڪرغزستان جي صدر سيد راجاپاروف سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم ??زبڪ صدر پاران ممل??تي سربراهن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. آجياڻي کانپوءِ وزيراعظم ??رڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو.
وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ثمرقند روانو
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا