نيوي??رڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي نيوي??رڪ ۾ ڊينم??رڪ جي پرڏيه?? وزير جي پي ڪوفوڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيه?? وزيرن ڊينم??رڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ گذريل ڏهاڪن دوران مسلسل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي پرڏيه?? وزيرن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پاڪستان ڊينم??رڪ کي هڪ اهم ٻطرفي پارٽنر سان گڏوگڏ يورپي يونين جي هڪ اهم ميمبر طور اهميت ڏي ٿو. پرڏيه?? وزير ڊينم??رڪ سان پاڪستان جي سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ تعليمي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيه?? وزير چيو ته ڊينم??رڪ پاڪستان کي اقتصادي طور تي خاص طور تي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڊينم??رڪ جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي خواهش رکن ٿيون. پرڏيه?? وزير زور ڏنو ته عالمي برادري کي افغانستان کي نه وسارڻ گه??جي ۽ افغانستان کي درپيش سنگين انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏ هجڻ گه??جي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي عوام لاءِ انساني امد??د جي فراهمي جاري رکي آهي. پرڏيه?? وزير والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين طرف به ڌيان ڇڪرايو. پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ ڊينم??رڪ جي امداد کي به ساراهيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام