استنبول – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي و??ير مريم اورنگزيب ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمن جي نمائش جو اعلان ڪندي چيو آه?? ته پاڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آ??ي، ايراني فلمساز پاڪستان پاران فلم انڊسٽري جي لاءِ ڏني ويندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اها ڳالهه هن او آءِ سي اطلاعات وارن وزيرن جي ڪانفرنس جي 12 هين اجلاس جي موقعي تي ثقافت واري ايراني و??ير محمد مهدي اسماعيل سان ملاقات دوران ڪندي چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، ثقافتي ۽ عوام جي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفا??ي و??ير چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آه??، ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي سان ثقافتي ۽ مذهبي رشتن ۾ ڳنڍيل آه??. هن چيو ته پاڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته ايراني فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان حڪومت 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي تي ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آه??. غيرملڪي فلمسازن کي مقامي سطح تي فلم ۽ ڊرامن جي گڏيل منصوبن ۾ سهولت ڏني پئي وڃي. ايران جا فلمساز به پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ حڪومت پاران ڏني ويندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اطلاعات ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ۽ وفدن جي مٽاسٽا تي اتفاق ٿيو. اطلاعات واري وفا??ي و??ير پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستاني قوم سان يڪجهتي ۽ حمايت تي ايران جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ايراني ثقافت واري و??ير پاڪستان سان اطلاعات ۽ فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ اطلاعات واري وفا??ي و??ير کي ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
مريم اورنگزيب پاران ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمن جي نمائش جو اعلان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے