اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ شديد زلزلي سبب ٿيل نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪي?? آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظ?? زلزلي سبب فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام مشڪل جي هن گه??يءَ ۾ ڀائر ملڪ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. ترڪيه هر مشڪل ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏن?? آهي. پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪندو. وزيراعظم چيو ته قدرتي آفتن ۽ موسميات?? تبديلين سان تباهي جا وڌندڙن واقعا پوري ??نيا جي لاءِ خطري ??ي گهنٽي آهي. اهو انسانيت ۽ سڄي دنيا جي بقاءَ جو معامل?? آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قدرتي آفتن ۽ موسميات?? تبديلين سان تباهي ڪنهن ملڪ يا خطي تائين محدود ناهي رهي.
وزيراعظم پاران ترڪيه ۾ شديد زلزلي سبب ٿيل نقصان تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania