اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو آهي ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن کي يڪجهتي ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيڻ جي لاءِ ترڪيه وڃي رهيو آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام جيتوڻيڪ به جدا رياستن جا شهري آهن پر هڪ قوم وانگر هڪ جان ٻه دل آهن ۽ اسان انهن جي نقصان کي پنهنجو نقصان سمجهون ٿ??. وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سان ٿيندڙ تباهي سان ڪا به حڪومت اڪيلي سر منهن نٿي ڏئي سگهي. ڪو به ملڪ ڀلي اهو ڪيترو ئي وسيلن سان مالامال ه??ي ايتري وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي جو مقابلو اڪيلي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته دنيا انسانيت جي مشڪلا??ن ۽ تڪليفن جي حل لاءِ تعاون وڌائي.
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری