اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پنجاب حڪومت مهانگائي جي ور چڙهيل غريب عوام جي لاءِ وڏو رمضان پئڪيج تيار ڪيو آهي جنهن تحت غريب خاندانن کي مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. اهو فيصلو وزيراعظم جي ??دارت ۾ پنجاب ۾ رمضان پئڪيج تحت مفت اٽي جي فراهمي جي ??ائزه اجلاس ۾ ڪيو ويو. پهريون ڀيرو غريب خاندانن کي مفت اٽي جي فراهمي جو اهو پنهنجي نوعيت جو پهريون پئڪيج آهي جيڪو وزيراعظم جي ??صوصي هدايت تي تيار ڪيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ پنجاب صوبي ۾ غريب ترين ماڻهن کي خصوصي رمضان پئڪيج تحت مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم غريب خاندانن کي رمضان پئڪيج تحت اٽي جي فراهمي تي ٺوس حڪمت عملي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته رمضان مهيني ۾ روزيدارن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏنو وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي پنجاب ماڊل جي ??رز تي سڄي ملڪ ۾ رمضان پئڪيج جي ??ريب عوام کي فراهمي جي لاءِ وفاق صوبن کي هر ممڪن تعاون فراه?? ڪندو. اجلاس ۾ چيف سي??ريٽري پنجاب زاهد اختر زمان ۽ ناڻي واري سي??ريٽري مجاهد شير دل رمضان پئڪيج جي ??والي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي کانسواءِ خوراڪ وارو سي??ريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
وزيراعظم جي هدايت تي پنجاب حڪومت پاران مهانگائي جي ور چڙهيل غريب عوام جي لاءِ وڏو رمضان پئڪيج تيار
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ