ڪراچي – 13 جون (اي پي پي) ڪراچي واٽر بورڊ جي سي اي او ا??جن??ئر سيد صلاح الدين احمد اعليٰ اختيارين کي سامونڊي طوفان ۽ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي هنگامي قدم کڻڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. واٽر بورڊ جي ترجمان موجب سم??رن چيف ا??جن??ئرن کي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سم??ت ٻين لاڳاپيل ادارن سان مڪمل رابطي ۾ رهڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن ۽ سم??رن ضلعن جي ايس ئي ۽ ايڪسين کي پنھنجي ماتحت عملي سان گڏ پنھنجي دائري هيٺ علائقن ۾ رهڻ دوران بهتر ڪم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي جڏھن تہ ڪنهن بہ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ واٽر بورڊ جي سم??رن آفيسرن ۽ ملازمن جون موڪلون پڻ منسوخ ڪيون ويون آهن، ان کان علاوه رين ايمرجنسي بابت چيف ا??جن??ئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي جڏھن تہ 1339 شڪ??يت سينٽر / ڪسٽمر سروس سينٽر، بلاڪ اي نو ميل ڪارساز شاهراھ فيصل کي برسات جي هنگامي آپريشن لاءِ فوڪل پوائنٽ مقرر ڪيو ويو آهي، 1339 شڪ??يت سينٽر / ڪسٽمر سروس سينٽر برساتن دوران 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو ۽ سم??رن ضلعن ۽ مختلف ٽاؤنن ۾ رين ايمرجنسي شڪ??يتي مرڪز پڻ قائم ڪيا ويندا، سي اي او واٽر بورڊ اعلي اختيارين کي وڌيڪ هدايتون ڏيندي چيو تہ جينٽنگ، سڪشن، راڊنگ، سيوريج صفائي جي مشينن، ڊي واٽرنگ پمس سم??ت سم??ري مشينري کي هر وقت تيار رکي وڃي، واٽر بورڊ جي بلڪ ٽرانسميشن سسٽم، ڪئنال، سائفن، ڪنڊيوٽ ۽ ٻين اهم تنصيبات جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ ڌاٻيجي، گهارو، پپري، اين اي ڪي، حب پمپنگ اسٽيشن سم??ت سم??رن فلٽر پلانٽس ۽ سم??رن سيوريج پمپنگ اسٽيشنن جي سخت نگراني ڪئي وڃي، ان کان علاوه سي پي ايس پمپنگ اسٽيشن سم??ت ضلعي ڏکڻ ۾ واقع ٻين سم??رين پمپنگ اسٽيشنن تي سخت نگراني ڪندي 24 ڪلاڪ گشت ڪيو وڃي ۽ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي سم??رين پمپنگ اسٽيشنن کي بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ جنريٽر جي مدد سان هلايو وڃي، سي اي او واٽر بورڊ شھرين کي اپيل ڪندي چيو تہ شهري برساتي پاڻي کي سيوريج جي پائيپ لائنن ۾ نيڪال ڪرڻ لاءِ مين هول جا ڍڪ نہ کولين ڇاڪاڻ تہ مين هول جا ڍڪ کولڻ سان گندي پاڻي جو وهڪرو بند ٿي ويندو جنهن سان شهرين کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو.
ڪراچي واٽر بورڊ جي سي اي او پاران اعليٰ اختيارين کي سامونڊي طوفان ۽ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي هنگامي قدم کڻڻ جون ھدايتون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار