اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پر??يهي آفيس جي ترجمان يونان جي سمنڊ ڪناري ويجهو ٻيڙي ٻڏڻ جي افسوسناڪ واقعي تي فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ ٻين متاثرين سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا، لاشن جي سڃ??ڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون جاري رهنديون. پر??يهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ت?? ان واقعي ۾ ڪيترن ئي پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي، اسان جون دليون سمورن متاثرين ۽ انهن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. ترجمان چيو ت?? اسان ميڊيا کي ان حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو آهي. 104 زندهه بچي ويندڙن ۾ 12 پاڪستاني شهري به شامل آهن ۽ اهي سٺي حالت ۾ آهن. هن چيو ت?? بدقسمتي سان اسان مارجي ويل ۽ گم ٿي ويل پاڪستانين جي شهرين جي انگ ۽ سڃ??ڻپ جي تصديق ڪرڻ کان قاصر رهيا آهيون. يوناني عملدارن 84 لاش درآمد ڪيا آهن، انهن جي سڃ??ڻپ ڊي اين اي ميچنگ جي ذريعي ٿيندي. ترجمان چيو ت?? لاڳاپيل عملدار جهاز ۾ موجود شڪي ماڻهن جي گهرڀاتين کان ڊي اين اي جا نمونا گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ اهي يوناني عملدارن کي ڏيندا. پر??يهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ت?? يونان ۾ پاڪستاني مشن ۾ سفير عمار آفتاب ۽ ان جي ٽيم گم ٿي ويل يا فوت ٿيندڙ پاڪستان جي شهرين جي ڳولا ۽ انهن جي سڃ??ڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ت?? پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي يوناني هم منصب سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا، لاشن جي سڃ??ڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. ترجمان چيو ت?? ان ڏس ۾ اسان جون ڪوششون جاري رهنديون.
پرڏيهي آفيس پاران ٻيڙي ٻڏڻ جي افسوسناڪ واقعي تي فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ ٻين متاثرين سان همدرديءَ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa