اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ طوفان ۽ برسات ۽ وڻ ڪرڻ سان 3 ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي صوبائي حڪومت کي متاثرين جي ڀرپور مدد ?? زخمين کي علاج جي بهترين سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم شانگلا ۾ ٻن ماڻهن ۽ ڪرڪ ۾ هڪ عورت جي فوت ٿيڻ تي متاثره خاندانن سان همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمي ٿيندڙن سان پڻ همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ