اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽريڪنگ جي نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ انٽيگريٽڊ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي لاءِ فو??ي ??ڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن جو وڏو سبب اسمگلنگ آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ نگران وزيراعظم کي لاڳاپيل عملدارن پاران اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان قدم?? تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن جو هڪ وڏو سبب اسمگلنگ ۽ شين جي غيرقانوني چرپر آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪ??ي ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي حوالي سان ٽريڪنگ جي نظام کي بهتر ۽ فول پروف بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. هن انٽيگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪرڻ جي حوالي سان فو??ي ??ور تي حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪ??ي. نگران وزيراعظم حڪم ڏنو ته جيڪو به اهلڪار اسمگلنگ ۾ ملوث ڏٺو وڃي ان جي خلاف سخت ڪ??رروائي ڪئي وڃي ۽ قرار واقعي سزا ڏني وڃي ۽ ڪسٽمز جي حساس پوسٽ تي ڪنهن به آفيسر جي مقرري کان اڳ انٽيليجنس ڪليئرنس ورتي وڃي. هن اسمگلنگ جي رو??ٿام جي حوالي سان ڪوتاهي ڪرڻ تي چيف سيڪريٽ??ي ??لوچستان کي چاغي ضلعي جي سمو??ي ??نتظامي مشين??ي ??بديل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪ??ي. نگران وزيراعظم هدايت ڪ??ي ته چمن، طورخم، غلام خان چيڪ پوسٽن سميت بلوچستان جي سرحدي علائق?? تي نگراني جو عمل سخت ڪيو وڃي، ڪارگو جي چيڪنگ ۾ بهت??ي ??ندي وڃي ۽ چمن بارڊر تي ڪسٽمز جو عملو وڌايو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي ڪاروبار ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي جاچ ڪندڙ انڪو??ئر?? ڪميٽي پاران جا?? تي جا??ي ??ڳڀرائي تي نگران وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم ڪميٽي کي پو??ي ??يماندا??ي ??ان پنهنجون سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪ??ي ۽ ڪميٽي جي هيستائين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي قدمن سان ايران مان پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي ۽ تفتان کان ڪوئيٽا تائين ڪارگو جي ٽريڪنگ جو نظام شروع ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي اعليٰ آفيسرن ۽ حساس ادارن جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪا??ي ??فيسرن شرڪت ڪ??ي.
نگران وزيراعظم پاران افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽريڪنگ جي نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ انٽيگريٽڊ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم لاءِ فوري حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں