اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان سرحدي خلاف ورزي تي ا??ران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ايران م??ن پنهنجي سفير کي به واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل رات اير??ن پار??ن پاڪستان جي خودمختياري جي اشتعال انگيز ۽ کليل خلاف ورزي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي خلاف ورزي آهي. اهو غيرقانوني عمل مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي ۽ ان جو ڪو جواز نه آهي. پاڪستان ان غيرقانوني قدم جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. ن??يج?? جي ذميواري پوري طرح ايرا?? تي لاڳو هوندي. هن چيو ته اسان اهو پيغام ايراني حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي. اسان انهن کي ا??و به ٻُڌايو آهي ته پاڪستان ايران م??ن پنهنجي سفير کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پاڪستان ۾ ايراني سفير جيڪو هن وقت ايران جي دوري تي آهي ا?? کي چيو ويو آهي ته هو في ا??حال واپس نه اچي. اسان انهن سمورن اعليٰ سطحي دورن کي پڻ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪي ا??ندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ جاري هئا يا طئي ٿيل هئا. واضح رهي ته اير??ن پاران ڪيل ان ”غيرقانوني“ فضائي حدن جي خلاف ورزي جي ن??يج?? ۾ ٻه ٻار مارجي ويا جڏهن ته ٽي ڇوڪريون زخمي ٿيون آهن.
پاڪستان پاران سرحدي خلاف ورزي تي ايران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو، ايران مان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں