اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) يوٽيليٽي اسٽورن تي رمضان شريف کان اڳ بنيادي شين تي 7.5 ارب رپين جي خصوصي سبسڊي جي شروعات(اڄ) اڱاري کان ٿي وئي آهي. يوٽيليٽي اسٽور?? ڪارپوريشن اسٽورز جي ترجمان مطابق وزيراعظم طرفان اعلان ڪيل عوام جي سهولت لاءِ رمضان شريف جي مهيني ۾ 7.5 ارب رپين جي خصوصي سبسڊي تي بنيادي شين جي فراهمي اڄ کان شروع ڪري ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت ان خصوصي پيڪج تحت يوٽيليٽي اسٽور?? ڪارپوريشن جي ذريعي عوام کي 19 بنيادي شيون جن ۾ اٽو، گيهه، کاڄرو تيل، کنڊ، دال، چڻا، اڇي چڻي، بيسڻ، کجي، چانور، چانهه، گرام مصالحن، کير ۽ شربت رعايتي اگهن تي فراهم ڪيون وينديون. ترجمان مطابق يوٽيليٽي اسٽور?? ڪارپوريشن رمضان دوران عوام جي ضرورتن کي نظ?? ۾ رکندي سمورن عذائي جنسن جي وافر مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائيندي. ان ڀيري اها رعايت ٽارگيٽڊ سبسڊي ذريعي بي آءِ ايس پي ۾ PMT-40 بدرا PMT-60 جي رجسٽرڊ غريب خاندانن کي ملندي ۽ PMT-60 جي سبب 20 ڪروڙ عوام ان پيڪج سان فائدو حاصل ڪندا. نوٽيڪيشن مطابق رمضان پيڪج تحت چانهه جي 800 گرام قيمت ۾ 100 رپيا، بيسڻ ۽ کجي جو في ڪلو قيمت ۾ 50 رپيا، کير جو في ليٽر پيڪ جي قيمت ۾ 30 رپيا، دالين ۽ چانور جو في ڪلو قيم?? ۾ 25 رپيا، ڪوڪنگ آئل جو في ليٽر قيم?? ۾ 25 رپيا ۽ شربت جي 800 ملي ليٽر قيمت ۾ 30 رپين جي گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.
يوٽيليٽي اسٽورن جي شين تي 7.5 ارب رپين جي خصوصي سبسڊي جي شروعات
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم