اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ترڪيه جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن پا??ستان ۽ ترڪيه جي گڏيل مفاد ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ??يڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پا??ستان ترڪيه سان پنهنجي لاڳاپن تي فخر ڪري ٿو، ترڪيه سدائين بنيادي معاملن تي پا??ستان جي حمايت ڪئي. صدر پا??ستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڪيترن ئي منصوبن تي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر پا??ستان ۽ ترڪيه جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ترڪيه سان زراعت، تعليم، فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو، صدر رجب طيب اردوان پا??ستان جو سچو ۽ مخلص دوست آهي، ترڪ صدر منهنجي چو??ڊ ۽ رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ تي ٽيليفون ڪال ڪئي، ترڪ صدر جو ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو پا?? – ترڪ لاڳاپن کي سگهه ??يڻ جي ان جي عزم جو اظهار آهي. ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر پا??ستان سان دفاعي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر کي نشان امتياز (ملٽري) ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
صدر آصف علي زرداري سان ترڪيه جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں