اسلام آباد – 26 – جولائي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شه??از شريف سان تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف طائر وزيرا??ظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وزيرا??ظم تاجڪ سفير جي آجيان ڪندي پاڪستان ۾ سندس مقرري جي مدي جي ڪاميابي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات دوران هلندڙ مهيني دوشنبي جي پنهنجي تازي دوري جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم چيو ته هو تاجڪ صدر امام علي رحمان جي شاندار استقبال کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ دوري دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. پنهنجي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن/ معاهدن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيرا??ظم زور ڏنو ته انهن تي وقت سر عملدرآمد سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم شه??از شريف صدر رحمان کي جلد کان جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ تاجڪستان جي شرڪت جو منتظر آهي. تاجڪ سفير وزيرا??ظم کي تعليم، زراعت ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ زميني ۽ فضائي رستن جي ذريعي رابطن کي وڌائڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي تاجڪ سفير سان رابطو ڪري انهن تجويزن تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ ڪاسا – 1000 سميت علائقائي رابطن جا ٻيا منصوبا ب?? بحث هيٺ آيا. تاجڪ سفير وزيرا??ظم جي استقبال تي سندس ٿورا مڃيا، کيس تاجڪ صدر پاران مبارڪباد پيش ڪئي ۽ پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم سان تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف طائر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک