اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) ??ير??ن جي شهر يزد ۾ بس حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ 28 پاڪستاني زائرين جون ميتون خصوصي جهاز ذر??عي جيڪب آباد پهچايون ويون جتي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ پرڏيهي آفيس جي رابطا آفيس ڪراچي جي ڊائريڪٽر جنرل عرفان سومرو ميتون وصول ڪيون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ??ير??ن ۾ 20 آگسٽ تي ٿيندڙ ان بس حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ 16 پاڪستاني زائرين کي به انهي خصوصي جهاز ذر??عي واپس آندو ويو آهي. وطن واپسي کان اڳ يزد ايئرپورٽ تي گورنر مهران فاطمي ۽ امام جمعه ميتن ??ي روانو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ??ير??ني عملدارن جا ٿورائتا آهيون جو انهن پاڪستاني زائرين حادثي متاثرين ??ي ريسڪيو ڪيو ۽ انهن جي وطن واپسي ۾ مڪمل معاونت ڪئي. هن حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج