واشنگٽن 8211; 24 آڪٽوبر (اي پي پي )ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بينڪ جي وفد ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفي سهڪار جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . ناڻي وزارت طرفان جاري بيان مطابق ناڻي واري وزير پاڪستان سان بينڪنگ شعبي ۾ ڊگهي مدي واري شراڪت داري جي واکاڻ ڪئي ۽ ٻڌايو ته حڪومت مسلسل ريٽنگ ايجنسين سان رابطي ۾ آهي. ٻنهي طرفان مختلف تجويزن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ واپاري مالياتي سهولت ۽ سنڊيڪيٽيڊ سهولت شامل آهن. هن موسمياتي ماليات ۾ وڌيڪ شراڪت داري جهڙن ڪاربن ڪريڊٽس، گرين بانڊز ۽ قرضن جي ڏي وٺ جي امڪانن جو پڻ جائزو ور??و .
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں