اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور سان ملاقات ڪئي جنهن دوران امن امان جي صورتحال سميت ڪرم ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خيبرپختونخواه جي وڏي وزير کي امن قائم ڪرڻ لاءِ هر مم??ن سهڪار جو يقين ??يا??يو. گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير پشاور ۾ وزيراعليٰ آفيس جو دورو ڪيو جتي وزيراعليٰ خيبر پختونخواه س??دس آجيان ڪئي. ملات دوران گهرو وزير محسن نقوي خيبرپختونخواه ۾ قانون لاڳو ڪن???? ادارن جي ڪارڪردگي وڌائڻ جي حوالي سان هر مم??ن سهڪار جو يقين ??يا??يو. هن چيو ته ڪرم ۾ امن جو قيام اسان جي ترجيح آهي، سمورين ڌرين جي مشوري سان ڪرم ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ علي امين گنڊاپور دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قانون لاڳو ڪن???? ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته شهيد اسان لاءِ فخر جو سبب آهن سندن قربانين کي سلام پيش ڪيان ٿو. وزيراعليٰ ڪي پي ڪي چيو ته شهيدن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن. اسان سڀ گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪن??اسين.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران وزيراعليٰ خيبرپختونخواه علي امين گنڊا پور سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن