اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي فعال ۽ متحرڪ قيادت ۾ موجوده حڪومت ڪسٽمز جي معاملن ۾ شفافيت آڻڻ جي لاءِ اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) مقامي سطح تي تيار ڪيل فيس ليس ڪسٽمز اسيسمنٽ س??ٽم (ايف سي اي ايس) کي نه رڳو تيار ڪيو پر پهرين م??حل?? ۾ ڪراچي ۾ ان کي ڪاميابي سان لاڳو پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي جڏهن ته جون 2025ع تائين ٻئي م??حل?? دوران ايف سي اي ايس کي پوري ملڪ جي اپريزمنٽ ڪليڪٽوريٽس ۾ ڊرائي پورٽس ۽ زميني سرحدي اسٽيشنن تائين ڦهلايو ويندو. غيرملڪي فنڊنگ يا مشاورت کانسواءِ شروع ڪيل اهو نظام 15 ڊسمبر تي شروع ڪيو ويو ۽ رڳو ٻن هفتن ۾ ان جا شاندار نتيجا سامهون آيا آهن. ايف بي آر موجب ڪراچي جي بندرگاهن تي ايف سي اي ايس جي پهرين م??حل?? کي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ڪنٽينرز جي ڪليئرنس جي وقت ۾ 39 سيڪڙو جڏهن ته درآمد ڪندڙن کي هراسان ڪرڻ جي واقعن ۾ 83 سيڪڙو گه??تائي ٿي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب تازي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ جي اٽڪل 80 سيڪڙو درآمدات ۽ برآمدات ڪراچي جي بندرگاهن تان گذري ٿي. ايف سي اي ايس جي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ بدعنواني ۾ نمايان گه??تائي آئي آهي جڏهن ته جائزه عمل ۾ بهتري ٿي آهي. ان کان اڳ گڊز ڊڪليئريشن جي جائزه عمل ۾ ڪرپشن جو عنصر موجود هو، شفافيت جي کوٽ هئي، درآمد ڪندڙ اڪثر اسيسمنٽ ڪندڙن سان سڌوس??ئو?? رابطو ڪندا هئا جنهن جي ڪري بنا ڪنهن مناسب نگراني جي ڊڪليئريشن پراسيس ٿيندو هو. ايف سي اي ايس جي لاڳو ٿيڻ سان نه رڳو اهو عمل مڪمل طور تي خودڪار ٿي ويو آهي پر انساني مداخلت کي پڻ گه?? ڪيو ويو جنهن جي ڪري ڪرپشن جي گنجائش کي ختم ڪيو ويو ۽ شفافيت وڌي آهي. ايف بي آر موجب نئين نظام جي پهرين م??حل?? ۾ ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ محمد بن قاسم جي ٽرمينلز تي خودڪار رسڪ س??ٽم جي ذريعي ڪنسائنمنٽس جي چونڊ ڪئي وڃي ٿي. دستاويز ايسٽ، ويسٽ ۽ پورٽ قاسم ۾ قائم اپريزل ڪليڪٽوريٽس ۾ قائم اسيسمنٽ يونٽس کي ڏنا وڃن ??ا. ??يف سي اي ايس دستاويزن جي الاٽمينٽ کي گروپ کانسواءِ ۽ ”پهرين اچو، پهرين وٺو“ جي بنياد تي پراسيس ڪري ٿو. ان نظام جي شروع ٿيڻ کانپوءِ بندرگاهن تي ڪنٽينرز جي رڪجڻ جو سراسري وقت 108 ڪلاڪن کان گه?? ٿي رڳو 66 ڪلاڪ رهجي ويو آهي. نئين، جديد ۽ خودڪار نظام تحت درآمد ڪندڙن ۽ اسيسمنٽ ڪندڙن جي وچ ۾ سڌوس??ئو?? رابطو ختم ڪيو ويو آهي ۽ عمل کي مڪمل طور تي خودڪار مڪينزم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ايف بي آر موجب ايف سي اي ايس کي ايف بي آر جي ويب بيسڊ ون ڪسٽمز (وي بوڪ) پليٽ فارم سان ضم ڪيو ويو آهي. ايف بي آر جي ميمبر ليگل ۽ اڪائونٽنگ ڪسٽمز سعيد اڪرم ٻڌايو ته نئين نظام سان ڊگهي عرصي کان موجود مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، نئين نظام تحت ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ريموٽ اسيسمنٽ جي ذريعي انساني مداخلت کي گه?? ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 15 ڊسمبر کان ايگزامينيشن ڪيسز جو انگ 717 کان گه?? ٿي 98 رهجي ويو آهي جيڪو 86 سيڪڙو گه??تائي جي عڪاسي ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح دستاويز جمع ڪرائڻ جي ضرورت وارن ڪيسز جو انگ 3346 کان گه?? ٿي 564 ٿي ويو آهي جنهن سان 83 سيڪڙو گه??تائي جي عڪاسي ٿي رهي آهي، هن چيو ته نئين نظام جي ڪاميابي جي باوجود گڊز ڊڪليئريشن يا ٽيڪسز ۽ ڊيوٽين جي ادائيگي ۾ ڪا گه??تائي ناهي ٿي. 16 ڊسمبر کان وٺي 27 ڊسمبر جي وچ ۾ 21380 گڊز ڊڪليئريشن فائل ٿيا جيڪي 7 سيڪڙو واڌويجهه جي عڪاسي ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح جائزي جي لاءِ مارڪ ٿيل ڪيسز جي انگ ۾ 30 سيڪڙو گه??تائي آئي آهي، ان کانسواءِ حڪومت امپورٽ ٽيڪس جي مد ۾ 116.4 ارب رپيا جمع ڪيا جيڪو ٻن هفتن جي مقابلي ۾ 14 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جون 2025ع تائين ٻئي م??حل?? دوران ايف سي اي ايس کي پوري ملڪ جي اپريزمنٽ ڪليڪٽوريٽس ۾ ڊرائي پورٽس ۽ زميني سرحدي اسٽيشنن تائين ڦهلايو ويندو. اسلام آباد ۽ سيالڪوٽ جي ڊرائي پورٽس تي اهو نظام لاڳو ٿيندو جڏهن ته لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ يونٽ قائم ڪيا ويندا، اهي يونٽس چيف ڪليڪٽرز آف اپريزمنٽ فار پنجاب، نارٿ ۽ بلوچستان تحت هلايا ويندا. هن چيو ته ٽئين م??حل?? ۾ ايف سي اي ايس کي سمورن هوائي اڏن ۽ برآمداتي ڪليڪٽوريٽس تائين توسيع ڏني ويندي. ان کانسواءِ اسيسمنٽ اسٽاف کي مرڪزي يونٽس ۾ ضم ڪيو ويندو جيڪي درآمدي ۽ برآمدي ٻنهي ڪنسائنمنٽس کي ڪور ڪندا. ايف بي آر ڪسٽمز ڪليئرنگ ايجنٽس جي لاءِ اهليت جي معيار ۽ لائيسنسنگ جي عمل ۾ پڻ تبديليون ڪيون آهن. ??ئو?? پوائنٽ اسڪورنگ س??ٽم ايجنٽس کي صحيح معلومات فراهم ڪرڻ تي انعام ڏيندو، جڏهن ته غلطين جي تڪرار تي انهن جا پوائنٽس گه?? ٿيندا ۽ لائيسنس جي منسوخي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. اهو نظام پاڪستان ۾ ڪسٽمز جي عمل کي شفاف ۽ جديد بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي، جنهن جو مقصد درآمد ڪندڙن جي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ ۽ بدعنواني کي ختم ڪرڻ آهي.
وزيراعظم جي فعال ۽ متحرڪ قيادت ۾ حڪومت ڪسٽمز جي معاملن ۾ شفافيت آڻڻ جي لاءِ اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔