گڏيل قومون- 07 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش اولهندي ڪناري ۾ ج??ين پناهگير ڪيمپ تي اسرائيل طرفان طاقت جي وحشاڻي استعمال جي شديد مذمت ڪئي آهي، آمريڪي خابرو اداري موجب هن چيو ته فوجي آپريشن ۾ اسرائيلي طاقت جو وحشياڻو استعمال مذمت جوڳو عمل آهي، جنين پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي جي اثرن تي ناراض انتونيوگوتريش چيو آهي ته هن آپريشن 100 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿيا ??هن ۽ هزارين ماڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو، اسڪولن ۽ اسپتالن کي نقصان پهتو، پاڻي ۽ بجلي جي نيٽ ورڪ ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيون، هن زخمين کي طبي امداد پهچائڻ ۾ رڪاوٽون وجهندڙ ۽ انساني همدردي جي ڪارڪنن کي هر ضرورتمند تائين پهچڻ کان روڪڻ تي پڻ اسرائيل کي تنقيد جو نشانو بڻايو. هن صحافين کي ٻڌايو ته مون شهرين خلاف تشدد جي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو