رياض-14 ڊسمبر (اي پي پي)سعودي عرب جي سياحت واري وزير احمد الخطيب چيو آهي ته رياض ۾ ايڪسپو 2030ع جي ميزباني دوران س??ودي عرب ر??زگار جا اڍائي لک موقعا ??را??م ڪندو. ليبر مارڪيٽ جي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته سعودي عرب ايڪسپو 2030ع جي موقعي تي هڪ هزار هوٽل جا ڪمرا ??را??م ڪندو، سعودي عرب 2019ع ۾ سياحت جي قومي حڪمت عملي متعارف ڪرائي چڪو آهي جنهن هيٺ سياحت مان قومي پيداوار ۾ ٽيڻ کان ڏهو?? سيڪڙو تائين اضافو ٿيندو. 2030ع تائين 10 لک اضافي آساميون پيدا ڪرڻيون پونديون، هن چيو ته 2030ع تائين عالمي آبادي 8.5 ارب تائين پهچي ويندي، خدمتن کي ڊجيٽل ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ ليبر مارڪيٽ پڻ شامل آهي. هن چيو ته سياحت جو شعبو عالمي ليبر مارڪيٽ جو 10 سيڪڙو آهي، ان مارڪيٽ ذريعي 2019ع ۾ 330 ملين ماڻهن کي روزگار مليو هو. مس??قبل ۾ روزگار جي موقعن ۾ اضافي جو امڪان آهي.
سعودي عرب ايڪسپو 2030ع جي ميزباني دوران روزگار جا اڍائي لک موقعا فراهم ڪندو: سعودي وزير
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina