نيويارڪ-18 جنوري (اي پي پي)آمريڪي مئگزين فوربز دنيا جي طاقتور ترين 10 ڪرنسين جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، پنهنجي تازي رينڪن?? ۾ ??مريڪي ڊالر کي 10 هون نمبر ڏنو ويو. فوربز ل??يو آهي ته گڏيل قومن ۾ 180 ڪرنسين کي قانوني ??يثيت حاصل آهي پر ڪنهن به ڪرنسي جي مقبوليت يا ان جو وڌيڪ استعمال ان جي مستحڪم هجڻ جي علامت ناهي، مئگزين جي 10 جنوري تي جاري ڪيل رينڪنگ ۾ ڪويتي دينار طاقتور هجڻ جي اعتبار سان پهرين نمبر تي آهي جنهن جي ماليت 3.25 ڊالر جي برابر آهي. ٻيو نمبر بحريني ??ينار جو آهي جنهن ماليت 2.65 ڊالر آهي، عماني ??يال 2.60 ڊالر سان ٽئين نمبر تي، اردني ??ينار 1.41 ڊالر سان چوٿين نمبر تي، جبرالٽر ۽ برطانوي پائونڊ 1.27 ڊالر سان پنجين نمبر ۽ ڇهين نمبر تي آهن، ستون نمبر ڪيمين آئي لينڊ ڊالر آهي جنهن جي ماليت 1.20 ڊالر آهي، سوئٽزرلينڊ جو فرانڪ 1.17 ڊالر ماليت سان اٺين نمبر تي جڏهن ته يورو 1.9 ڊالر ماليت سان نائين نمبر تي آهي، ان کانپوءِ آمريڪي ڊالر جو نمبر آهي، آمريڪي ڊالر دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ۽ اڪثر بنيادي ريزور ڪرنسي ڳڻتي ويندي آهي پر ڪيترن ئي سببن جي بنياد تي طاقتور هجڻ جي اعتبار سان هي ڪيترين ئي ڪرنسين کان هيٺ آهي.
آمريڪي مئگزين فوربز پاران دنيا جي طاقتور ترين 10 ڪرنسين جي لسٽ جاري، ڪويتي دينار پهرين جڏهن ته آمريڪي ڊالر آخري نمبر تي برقرار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام