سان جوز _18 جنوري (اي پي پي )ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني سا?? سنگ آرٽيفيشل انٽيليجنس فيچرز وارو جديد ترين گليڪسي سمارٽ فون پريميم ايس _24 الٽرا متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي . اي ايف پي مطابق سا?? سنگ جي صدر ان موقعي تي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سا?? جوز جي سليڪون ويلي ۾ هڪ اسپورٽس سينٽر ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي . ان موقعي تي هن چيو ته مصنوعي ذهانت موبائل جي صنعت ۾ وڏي تبديلي آڻڻ واري آهي .مستقبل ۾ موبائل فون مصنوعي ذهانت تائين رسائي جو بنيادي پوائنٽ هوندو ۽ سا?? سنگ ان حوالي سا?? قائداڻو ڪردارادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي . پريميم ايس -24 الٽرا ڪال دوران مختلف ٻولين جو ترجمو ڪرڻ جي صلاحت رکي ٿو ۽ ان ذريعي ٻه اهڙا ماڻهو به فون تي ڳالهيون ڪري سگهندا جي??ي هڪ ٻئي جي ٻولي نٿا سمجهن . اها سهولت دنيا ۾ ڳالهائجندڙ 13 ٻولين لاءِ دستياب هوندي ۽ ان لاءِ ترجمي نگار کي سا?? سنگ پنهنجي اي آءِ اي ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي تيار ڪيو آهي . فون ۾ گوگل سا?? واڳيل هڪ غير معمولي سرچ فنڪشن به ڏنو ويو آهي.ان فنڪشن جي استعمال سا?? صارف پنهنجي سا??هون واري شخص جي ڪنهن به ٽيڪسٽ مان ڪنهن به اصتلاح يا تصوير کي دائرو لڳائي ڳولهي سگهندو. ان فون ۾ ميسيجنگ ۽ نيويگيشن جهڙو سسٽم به شامل آهي. ان سسٽم کي به مصنوعي ذهانت سا?? ڳنڍيو ويو آهي. آء?? فون – 15 جيان سا?? سنگ جو پريميم ايس – 24 الٽرا ٽائينيم فريم سا?? گڏ آهي ـ ان جي شروعاتي قيمت 1299 ڊالر رکي وئي آهي.
سام سنگ اي آءِ فيچرز ۽ ڪال دوران ترجمو ڪندڙ گليڪسي سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری