نئين دهلي – 01 آگسٽ (اي پي پي) انڊين نيشنل ڪا??گر??س جي اڳواڻ سونيا گانڌي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي خراب صورتحال تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته مودي حڪومت ڪشمير ۾ حالتون معمول تي آڻڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي پر علائقي جي صورتحال سندس دعويٰ جي ابتڙ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق سونيا گانڌي چيو ته مودي حڪومت چئي رهي آهي ته ڄمون ڪشمير ۾ حالتون صحيع ٿيون آهن ??ر تازي عرصي ۾ رڳو ڄمون جي علائقي ۾ 11 حملا ٿيا آهن جڏهن ته وادي ۾ به اهڙا ئي حملا ڏٺا ويا. هن چيو ته انهن حملن سان والاريل علائقي ۾ حالتون بهتر ٿيڻ جي دعواعن جي نفي ٿئي ٿي. سونيا گانڌي مني پور ۾ جاري مسلسل بدامني تي به مودي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته ملڪ جا نوجوان ۽ هاري به حڪومتي پالي??ين سبب شديد پريشان آهن. اي پي پي/ ص – ب/ م – ش / ر – م 13:21
ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي صورتحال مودي حڪومت جي دعوائن جي ابتڙ آهي: سونيا گانڌي
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس