اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 3500 ارب رپين مان وڌائي 4013 ارب رپيا ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ عام ماڻهو تي ڪو نئون ٽيڪس ناهي هنيو ويو، بجيٽ ۾ 120 ارب رپيا ٽيڪس هنيا ويا آهن جڏهن ته مختلف ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين جي مد ۾ 33 ارب رپين جو ر??يف فراهم ڪيو ويو آهي، زراعت جي لاءِ گذريل سال جا سمورا رعايتي پئڪيج بحال رکيا آهن، ڊي اي پي ڀاڻ تي سيلز ٽيڪس ۾ 300 رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو جي ايڊهاڪ اضافي کي بنياد پگهار ۾ ضم ڪرڻ کانپوءِ بنيادي پگهار تي 10 سيڪڙو ايڊهاڪ ر??يف ڏنو ويندو. بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ??سا?? کي ملڪ جي معاسي استحڪام جي لاءِ گڏجي سخت محنت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته ??سا?? سڀني جو فرض آهي ته ??سا?? چارٽر ??ف اڪانومي تي اتفاق ڪريون ته جيئن معاشي هدف حاصل ڪري سگهجن. هن چيو ته مون پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ به ٽن سالن بدران 5 سالن جي ميڪرو اڪنامڪ هدفن جو ذڪر ڪيو هو ته جيئن 23 – 2018ع جي حڪومت جي دور ۾، جنهن کي به حڪومت جو م??قعو م??ي، اهي معاشي هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهي. هن چيو ته چونڊن کان اڳ هي آخري سال آهي جنهن ۾ ??سا?? کي چارٽر ??ف اڪانومي تي متفق ٿيڻ گهرجي ته جيئن اقتصادي ۽ سماجي هدفن جو صحيح تعين ڪري سگهجي.
ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 3500 ارب رپين مان وڌائي 4013 ارب رپيا ڪيو آهي: اسحاق ڊار جي پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین