اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جڏهن ملڪ ۾ سي پيڪ ٺهي رهيو هو، دهشتگردي ختم ٿي رهي هئي، ميٽرو ۽ رستن جو ڄار وڇي رهيو هو، چونڊ سڌارا، يوٿ پروگرام، تعليمي سڌارا ۽ هيلٿ پروگرام ٺهي رهيا هئي ته ٻئي طرف ٻه سياسي ڪزنز ڪنٽينر ٺاهي رهيا هئا، اڳ ۾ ملڪ جي ترقي خلاف ڪنٽينر ٺهيو هو ۽ هاڻي ٽي سياسي ڪزنز گڏجي ملڪ جي آئي?? جي خلاف ڪنٽينر ٺاهي رهيا آهن. احتساب عد??لت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته مخالف مسلم ليگ (ن) جي مقبوليت کان ڊنل آهن، ٽنهي سياسي ڪزنز کي خبر پئجي چڪي آهي ته انه?? جي پنهنجي تڪن ۾ به پاڪستا?? جي عوام هاڻي انهن کي ووٽ نه ڏيندي، چڪوال جي ضمني چونڊن جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن، قوم انهن ماڻه?? جي ايجنڊا کان آگاهه آهي جيڪي ملڪ ۾ افراتفري ۽ انتشار پکيڙڻ چاهين ٿا، ملڪ جي خدمت ڪندڙ، دهشتگردي، لوڊشيڊنگ جهڙن چ??لينجن تي ضابطو آڻيندڙ، سي پيڪ انفراسٽرڪچر، تعليم ۽ صحت جي لاءِ ڪم ڪندڙ حڪومت وڌيڪ بهتر آهي يا اهي ماڻهو جيڪي ڪنٽينر ٺاهڻ ۾ مهارت رکن ٿا انهي لاءِ ٽئي سياسي ڪزنز هن حڪومت ??ي خلاف ڪنهن غيرآئيني طرز جي آخري ڪوشش ڪري رهيا آه?? جيڪا پاڪستا?? جي عوام جي ووٽ سان ٺهي آهي ۽ جيڪا پاڪستا?? جي عوام جي اي ٽيم آهي. مسلم ليگ (ن) پنهنجي منشور ۾ جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي ڊيليور ڪري ڏيکاريا آهن، اسا?? جيڪي منصوبا شروع ڪيا هئا اڄ انهن کي مڪمل ڪري رهيا آهن.
جڏهن ملڪ ۾ ترقي ٿي رهي ته ٻه سياسي ڪزنز ڪنٽينر ٺاهي رهيا هئا: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں