اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي اڏاوتن جي شعبي ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ، ذخي??ه اندوزي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ ناڻي واڌ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٻن آرڊيننس جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، آرديننس ۾ ذخي??ه اندوزن ۽ اسمگلنگ ڪندڙن جي لاءِ سخت سزائون تجويز ڪيون ويون آهن، ا??و قدم ناجائز منافعي خوري ۽ ذخي??ه اندوزي جي خاتمي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب رليف هيٺئين سطح تي پهچائڻ لاءِ هڪ قانوني ڪوشش آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت تي اڏاوتن جي شعبي ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي آرڊيننس آندو پيو وڃي، ذخي??ه اندوزي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام سان گڏوگڏ ناڻي واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي آرڊيننس ۾ ذخي??ه اندوزن ۽ اسمگلنگ ڪندڙن جي لاءِ سخت سزائون تجويز ڪيون ويون آهن. وفاقي ڪابينا قانونس??زي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 3 اپريل جي فيصلن، ا??تصادي رابطا ڪميٽي جي 8 ۽ 9 اپريل جي فيصلن جي توثيق ڪئي.
وفاقي ڪابينا کي اڏاوتن جي شعبي ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ ناڻي واڌ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٻن آرڊيننس بابت بريفنگ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ