اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته هاڻي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آه??، امن کي موقعو ڏيڻو پوندو، پاڪستان چاهي ٿو ته آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ افغانستان ۾ سمورن لاڳاپيل ڌر??ن جي نمائنده حڪومت قائم ٿئي، پرامن افعانستان، پاڪستان جي مفاد ۾ آه??، افغانستان جي عوام خاص طور تي نوجوانن کي ترقي جا هڪجهڙا مو??عا ملڻ گهرجن، اڄ به 30 لک افغان پناهگيرن جي پاڪستان ميزباني ڪري رهيو آه??، اڳوڻي فاٽا ۽ ٻين علائقن جي عوام ۽ افغانين جي وچ ۾ هزارين سال پراڻا لاڳاپا آه??، ان تاريخ کي ڪنهن صورت ۾ نظرانداز نٿا ڪري سگهون. هو پي اين سي اي ۾ ”پاڪ افغان ميڊيا ڪنڪليو“ کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته افغانستان پاڪستان جو ڀائر ملڪ آه??، اها مڃيل حقيقت آه?? جنهن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان ۽ افغانستان کي هڪٻئي سان گڏ رهڻو آه??، هن چيو ته پاڪستان جي ڪوشش آه?? ته افغانستان جي اندر امن قائم ٿئي، آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ هڪ اهڙي حڪومت قائم ٿئي جيڪا افغانستان جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي نمائنده حڪومت هجي. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغانستان ۾ جنگ جي صورتحال هئي، ان صورتحال ۾ افغانستان جا ماڻهو ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا، هاڻي افغان عوام خاص طور تي نوجوانن کي ترقي جا برابر مو??عا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آه??. هن چيو ته پاڪستان اهو ملڪ آه?? جنهن اڄ به 30 لک افغان پناهگيرن کي پاڪستان جو حصو بڻايو آه??، افغاني هتي ڪاروبار ڪري رهيا آه??، ٻارن جون پاڻ ۾ شاديون ٿي چڪيون آه??، هن چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت ۽ عمران خان افغانستان ۾ افغان عوام جي مرضي واري حڪومت جي حمايت ڪن ٿا، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغانستان جي ميڊيا جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ تربيتي ويهڪن جو انعقاد ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جون خدمتون حاضر آه??، هن چيو ته هڪٻئي سان ملاقاتن سان ڪميونيڪيشن گيپ ختم ۽ هڪٻئي کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي آه??، هن چيو ته فيصل آباد ۾ وڏي تعداد ۾ افغاني ايندا آه?? ۽ مختلف قسم جي مصنوعات خريد ڪري پنهنجي ملڪ کڻي ويندا آه??، افغاني علاج لاءِ پاڪستان ۾ ايندا آه??، پاڪستان پنهنجي دل کولي رکي آه??، هن چيو ته افغان مسئلي جو حل ڪو فوجي حل نه آه??، پاڪستان جي ڪوشش ر??ي ته ڳالهين جي ذريعي سموريون ڌر??ون اتفاق راءِ تي پهچن، وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ جوڙڻ جي لاءِ افغانستان جو اهم ڪردار آه??، پاڪستان ان ڏس ۾ مثبت ڪوششون جاري رکيون آه??، هن چيو ته افغان ميڊيا تي امن افغانستان جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪري ڇو ته پاڪستان اهو ملڪ آه?? جيڪو افغان جنگ سبب متاثر ٿيو، اسان کي 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان کڻڻو پيو، 70 هزار جانيون ضايع ٿيون، افغانستان ۾ لڳل باهه جا شعلا پاڪستان ۾ به ايندا رهيا آه??، هن چيو ته هاڻي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آه??، هاڻي اسان کي امن کي موقعو ڏيڻو آه??. اميد آه?? ته پاڪستان ۽ افغانستان ميڊيا جو مثبت ۽ اهم ڪردار موجود رهندو.
جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، امن کي موقعو ڏيڻو پوندو: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں