اسل??م آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀا??تي فورسز پاران سيد علي گيلاني مرحوم جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ شرمناڪ قدم آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڳ ۾ 92 سالا سيد علي گيلاني جيڪو محترم ترين ۽ بااصول ڪشميري اڳواڻن مان هڪ آهي جي ميت کسڻ ۽ پوءِ ان جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس ٺاهڻ ن??زي?? کان متاثر آر ايس ايس – بي جي پي سرڪار جي هٿان هندستان جي سفاڪيت جو هڪ ٻيو شرمناڪ مٿال آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ ڀا??تي اخبار ٽائيمز آف انڊيا جي خبر پڻ شيئر ڪئي آهي، خبر موجب غيرقانوني طور ڀا??ت جي قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي پوليس سيد علي گيلاني جي تدفين جي موقعي تي ڀا??ت مخالف نعرا لڳائڻ ۽ مرحوم جي ميت کي پاڪستاني جهندي ۾ ويڙهڻ تي سيد علي گيلاني جي گهرڀاتين ۽ ٻين ماڻهن جي خلاف بڊگام پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي.
ڀارتي فورسز پاران سيد علي گيلاني مرحوم جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ شرمناڪ قدم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria