اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان بل اينڊ ميلنڊاگيٽس فا??ونڊيشن (BMGF)جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس کي ٽيليفون ڪئي ۽ پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۽ پاڪستان ۾ غذايت ۽ مالي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ فا??ونڊيشن جي تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
و??ير??عظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم بل گيٽس کي پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي مسلسل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ بي ايم جي ايف پاران فراهم ڪيل مدد کي ساراهيو. هن چيو ته ملڪ ۾ هن سال وائلڊ پوليو وائرس جو صرف هڪ ڪيس رپور?? ٿيو آهي ۽ وائلڊ پوليو وائرس جا مثبت ماحولياتي نمونا ڪافي حد تائين گه?? ٿيا آهن، و??ير??عظم چيو ته مثبت اڳڀرائي جي باوجود مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان به ڪم جاري آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ملڪ ۾ هر قسم جي پوليو جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. بل گيٽس و??ير??عظم جي عزم جي واکاڻ ڪئي ۽ فا??ونڊيشن پاران پاڪستان ۾ پوليو پروگرام کي جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بنائي سگهجي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به ٻار کي پوليو وائرس جو خطرو نه ٿئي.
بل گيٽس و??ير??عظم جي قيادت ۾ آگسٽ ۾ پوليو جي وڌيڪ خطرن وارن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن سان گهرايل اجلاس جي ڏس ۾ مثبت ڪوششن ۽ ان جي اثرن کي ساراهيو. و??ير??عظم ۽ بل گيٽس افغ??نس??ان ۾ صحت جي نظام جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪو پاڪستان سان پوليو جو شڪار دنيا جو ٻيو ملڪ آهي، هن ان بيماري جي خاتمي لاءِ افغ??نس??ان ۾ پوليو جي مهم ٻيهر شروع ڪرڻ جي اهميت ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي تازي ڪاميابي جي حفاظت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
و??ير??عظم چيو ته افغ??نس??ان جي اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهي آهي ۽ ان کي مالي مدد جي ضرورت آهي. هن بل گيٽس کي درخواست ڪئي ته هو افغان عوام کي ??نس??ني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ تي غور ڪري، بل گيٽس و??ير??عظم کي پاڪستان ۾ ڪووڊ – 19 ويڪسين جي تياري ۾ مبارڪباد ڏني ۽ فا??ونڊيشن پاران احساس پروگرام سميت حڪومت جي انتظام هيٺ پروگرامن جي مسلسل حمايت جو ذڪر ڪيو جيڪو غربت کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪارانداز جي ڪري قومي بچت پروگرام جي ڊجيٽلائيزشن لاءِ شاندار اڳڀرائي ڪري رهيو آهي. بل گيٽ پاڪستانين جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ گيٽ فا??ونڊيشن جي ذريعي ??سلسل تعاون جي آڇ ڪئي، و??ير??عظم بل گيٽ جو پاڪستان سان فا??ونڊيشن جي قابل قدر سهڪار تي ٿورو ادا ڪيو.