اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته يورپي يونين ۽ دنيا کي افغانستا?? جي استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوند??، افغانستا?? جي موجوده صورتحال ڪنهن الميي کان گهٽ نه آهي، افغانستان بابت اڪانومسٽ ج?? تازي رپورٽ پريشان ڪندڙ آهي، افغانستان ۾ 23 ملين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ ج?? شڪار آهن، ٻار بک سبب فوت ٿي رهيا آهن، اسان دنيا کي افغانستا?? جي حوالي سان پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو آهي، افغانستا?? جي عوام جي مدد لاءِ پوري دنيا کي اڳتي اچڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ بلغاريه جي سفير ارينا گانچيوا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿ??، افغانستان ۾ استحڪام نه ٿيو ته عالمي دهشتگر?? تنظيمون افغانستان ۾ پنهنجا مرڪز قائم ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان دنيا کي افغانستا?? جي عوام جي مدد جي اپيل ڪئي آهي. بلغاريه افغانستا?? جي صورتحال ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. چوڌري فواد حسدين چيو ته اسان طالبان حڪومت کي ان وقت تائين تسليم نه ڪنداسي?? جيستائين خطي جا ٻيا ملڪ افغان حڪومت کي تسليم نه ٿا ڪن. بلغاريه سان پاڪستا?? جي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل سفارتي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جن کي اسان قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. ان موقعي تي بلغاريه افغانستان مان غيرملڪي شهرين ۽ سفارتڪار?? جي انخلا جي حوالي سان پاڪستا?? جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جو افغان امن عمل ۾ ڪردار ساراهه جوڳو آهي، بلغاريه افغانستان ۾ ام?? جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
يورپي يونين ۽ دنيا کي افغانستان جي استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن