اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ سموريو?? ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اها ڳالهه هن هتي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۾ ڪرسمس جي ت??ري??ن جي سلسلي ۾ منعقد ڪيڪ ڪٽڻ جي ت??ري?? کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات وا??ي سيڪريٽري شاهيره شاهد ان موقعي تي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني، هن ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل محمد عاصم ڪڇي جي اداري جي بهتري لاءِ ڪيل مخلصاڻي ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي، ان کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان چيو ته اسلام امن جو مذهب آهي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ سڀني لاءِ مذهبي روايتن جي آزادي جو درس ڏي ٿو. هن پاڪستاني مسيحي برادري کي ملڪ جي ترقي لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، ان موقعي تي بشپ طارق جان چيو ته مسيحي برادري ملڪ جي خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي ۽ ڪيڪ ڪٽڻ جي ت??ري?? جي انعقاد تي پي بي سي جو ٿورو ادا ڪيو. ت??ري?? ۾ مسيحي برادري کانسواءِ ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، ان موقعي تي گيت به پيش ڪيا ويا ۽ ملڪي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.
پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس