اسلام آ??اد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، ملڪ جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ جي سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻڻ ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اها ڳالهه آمريڪا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان سان ملاقات دوران چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. نامزد سفير سان ڳالهائيندي صدر چيو ته حڪومت جيو اڪنامڪس تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ٻطرفي واپار ۽ آمريڪا سان سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ تعاون جي وڌيڪ شعبن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کانسواءِ ٻطرفن اقتصادي ۽ واپاري لا??اپن کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ پل جو ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. صدر سفير کي چيو ته هو ڀارت جي اصل چهري کي بي نقاب ڪري جيڪو ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ?? ڪشمير جي ماڻهن جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي. صدر نامزد سفير کي آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير طور مقرري تي مبارڪ??اد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو آمريڪا سان ٻطرفن لا??اپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
پاڪستان آمريڪا سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II