اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري شاعر، ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم امجد اسلام امجد جي گهروارن ۽ ان جي مداحن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته امجد اسلام امجد پن??نج?? عهد جو نظم جو سڀ کان وڏو شاعر هو. هن انساني جذبن کي پن??نج?? تهذيب ۽ روايت موجب زبان ڏئي امر ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته ذاتي حوالي سان هو هڪ وڏو انسان هو. علم ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ هر پاڪستاني جي گهر جو هُو فر?? هو، سندس لاڏاڻي جو ڏک پاڪستان جي هر شهري جو ذاتي ڏک آهي. هُن شعر ۽ ادب جي هر صنف ۾ پن??نج?? صلاحيتن ۽ فن کي مڃرايو. وزيراعظم چيو ته سندس لاڏاڻو علم ۽ ادب جي شعبي جو وڏو نقصان آهي. وزيراعظم چيو ته امجد اسلام امجد پاڪستان ٽيليويزن کي وارث، فشار ۽ سمندر جهڙا ڊراما ڏنا، ادب لاءِ سندس خدمتن کي مدتن تائين ياد رکيو ويندو، سندس لاڏاڻي سان پاڪستاني ادب هڪ عظيم ليکڪ ۽ ساعر ک??م محروم ٿي ويو آهي، وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
وزيراعظم پاران ناليواري شاعر امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : گرم گرم