اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي درپيش اقتصادي مشڪلاتن جي ??س ۾ قيادت کي پاڻ پنهنجو مثال پيش ڪندي ڪفايت شعاري جي ??دمن ذريعي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ عوام تي پوندڙ بار کي پاڻ ئي کڻڻ اسان جي حڪومت جي سُڃاڻپ آهي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ اجتماعي ڪوششن جي ذريعي ئي موجوده بحراني ڪيفيت مان نڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪفايت شعاري جا قدم جنهن جي شروعات ڪابينا ميمبرن جي ??نهنجي ??گهارن ۽ مراعتن تان رضاڪاراڻي دستبردار سان ٿي رهي آهي، جنهن جي ذريعي قومي ناڻي کي ساليانو 200 ارب رپين جي بچت ٿيندي. وزيراعظم اتحادي پارٽين جو ان سلسلي ۾ حمايت تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هو ڪفايت شعاري جي ??دمن تي عملدرآمد جي ??اڻ نگراني ڪندو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں