اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا ??رويز اشرف چيو آهي ته 10 اپريل 1973ع پاڪستان جي سياسي تاريخ جو نه وسارڻ جهڙو ڏينهن آهي جڏهن قوم کي پارلياماني، وفاقي ۽ اتفاق راءِ تي ٻڌل آئين سان نوازيو ويو، هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جمهوري، وفاقي، اسلامي ۽ اتفاق راءِ تي ٻڌل آئين جي حقيقي روح جي لاڳو سان جڙيل آهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ جو ڏينهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي پختگي ۽ دانشمندي کي تسليم ڪرڻ جو ڏينهن آهي جنهن جي سياسي دانش ان قوم کي 1973ع جي متفقه آئين سان نوازيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي آئيني ياد??ار جو پيڙهه جو پٿر، شهيدن جي ياد??ار تي حاضري ۽ پارليامينٽ هائوس ۾ آئين جي تاريخ جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا ??رويز اشرف چيو ته اتفاق راءِ تي ٻڌل 1973ع جي آئين جي منظوري پاڪستان جي سياسي تاريخ جو همشه لاءِ ياد رکڻ جهڙو لمحو ??هي. هن چيو ته آئين ۾ بيان ڪيل اصول اسلامي، وفاقي، جمهوري ۽ پارلياماني پاڪستان جي ??ڪا??ي ڪن ٿا ۽ هي اهي ئي اصول هئا جن جو خاڪو قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1948ع تي پاڪستان جي پهرين آئين ساز اسيمبلي کي پنهنجي پهرئين خطاب ۾ ڪيو هو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته هي سندس سياسي پختگي ۽ دانشمندي هئي جنهن قوم کي اهو مقدس دستاويز عطا ڪيو. هن چيو ته آئين ق??مي اتحاد ۽ سياسي اتفاق راءِ جو منفرد نمونو آهي جنهن تي عمل ڪري ئي ملڪ کي سياسي ، معاشي ۽ سماجي چئلينجز مان ڪڍي سگهجي ٿو. هن آئين جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته 10 اپريل کي 14 آگسٽ وانگر ق??مي ڏينهن طور ملهائڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي آئيني ياد??ار جي تعمير هڪ انتهائي اهم ۽ مثبت قدم ??هي. هن آئين جي ياد??ار جي تعمير لاءِ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ سندس پوري ڪميٽي جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شاهراهه دستور تي ڊي چوڪ تي تعمير ٿيندڙ ياد??ار سان گڏ ”باغ دستور“ پڻ تعمير ڪيو ويندو. ان باغ جي تعمير سان نه رڳو شهرين کي هڪ خوبصورت تفريحي مقام ميسر ايندو پر اسلام آباد جي رهواسين لاءِ ياد??ار دستور جي سير جو جواز به فراهم ٿيندو. هن چيو ته آئين جي ياد??ار جي تعمير سان نوجوان نسل ۾ شعور اجاگر ٿيندو. هن چيو ته هي ياد??ار شان??ار تاريخ ۽ انهن سياسي اڪابرن جي ??ڪا??ي ڪندي جن جي محنت ۽ سياسي بصيرت پاڪستان کي آئين سان نوازيو هن چيو ته هي واحد دستاويز آهي جيڪا وفاقيت، بامعنيٰ جمهوريت، اسلامي تشخص، انفرادي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني جي ??ڪا??ي ڪري ٿي. ان کانپوءِ ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا ??رويز اشرف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ ٻين پارليامينٽ ميمبرن سان گڏ آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ گمنام هيروز جي ياد??ار تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي. ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ هائوس ۾ هڪ يادگاري ٽپال ٽڪيٽ، آئين ساز جي هر لمحي جي ??ڪا??ي ڪندڙ تصويري نمائش، آئين جي اصل رسم الخط جي نمائش ۽ گولڊن جوبلي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ڪتابن جي نمائش جو پڻ افتتاح ڪيو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاران پارليامينٽ هائوس ۾ آئين جي تاريخ جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاح جي موقعي تي خطاب
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria