اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ملڪ گير سولرائيزيشن منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جهڙو اسرندڙ ملڪ مهانگي درآمدي ٻارڻ سان بجلي جي پيداوار کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، سولر پينلز جي مرحليوار درآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سستي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ گير سولرائيزيشن منصوبي تي اڳڀرائي جي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ??زي??اعظم اسٽيٽ بئنڪ ۽ ??اڳ??پيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سولر پينلز ۽ ان سان ??اڳ??پيل اوزارن جي درآمد جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته گهٽ ??اڳ?? شمسي بجلي جي پيداوار سان ٻارڻ جي مد ۾ خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي، شمسي توانائي سان بجلي جي صارفين کي سستي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن هدايت ڪئي ته وفاقي سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي منصوبي تي اڳڀرائي کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 17 سرڪاري عمارتن جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ بڊز موصول ٿي چڪيون آهن، انهن بڊز جي فني جانچ اڄ مڪمل ڪئي ويندي. ان کانسواءِ وڌيڪ 50 عمارتن جا ٽينڊرز 20 اپريل تي جاري ڪيا ويندا. اجلاس کي 600 ميگاواٽ ڪوٽ ادو منصوبي جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ت?? ان منصوبي جو ٽينڊر پڻ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مقامي ۽ عالمي ڪمپنيون سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪري رهيون آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 1200 ميگاواٽ ۽ جهنگ ۾ 600 ميگاواٽ جي منصوبن جي حوالي سان اڳڀرائي حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس کي 11 ڪي وي فيڊرز تي سولر هڻڻ جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ت?? ان حوالي سان نيپرا پينچ مارڪ ٽيرف جي منظوري کانپوءِ ئي ان تي اڳڀرائي ممڪن ٿي سگهندي. اجلاس ۾ اڳوڻي ??زي??اعظم شاهد خاقان عباسي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي ??زي?? سيد مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪتي ??زي?? ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ??زي??اعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ ??اڳ??پيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ملڪ گير سولرائيزيشن منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان