بر??لز – 13 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مم??ڪتي وزير حنا رباني کر بيلجيئم جي جاري ??ور?? دوران بر??لز ۾ يورپي يون??ن جي ٻن ڪمشنرن سان تفصيلي ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مم??ڪتي وزير جي ڪرائيسز مئنيجمينٽ بابت يورپي ڪمشنر جينز لينارڪ سان ملاقات دوران پاڪستان ۾ يورپي يون??ن جي ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين تي ڳالهه ٻولهه ٿي. مم??ڪتي وزير ڳالهه ٻولهه دوران ٻوڏ کانپوءِ يورپي شهري تحفظ جي طريقيڪار کي فعال ڪرڻ تي يورپي يون??ن جا ٿورا مڃيا جنهن بحالي جي مرحلي دوران يورپي يونين پاران فوري مدد کي ممڪن بڻايو. ڌرين ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۽ صلاحيت ۾ تعاون جي لاءِ وڌيڪ رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. حنا رباني کر گهرو معاملن بابت يورپي ڪمشنر يلوا جوهانسن سان ملاقات ۾ تازو ئي شروع ڪيل مائيگريشن اينڊ موبلٽي ڊائيلاگ جي بهترين استعمال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ هنرمند مز??ور?? جي قانوني لڏپلاڻ جا موقعا پڻ شامل آهن. پاڪستان – يورپي يونين ري ايڊميشن معاهدي تي عملدرآمد ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. يورپي يونين ڪميشن ۾ پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ مم??ڪتي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته يورپي يونين اڀرندڙ عالمي چئلينجز ۽ غيرروايتي سلامتي جي خطرن بشمول موسمياتي تبديلي، وبائي مرضن، پاڻي، توانائي ۽ غذائي تحفظ کي منهن ڏيڻ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندي. هن پائيداري، گرين اڪانومڪس، زراعت ۽ ڊيجيٽل ڪنيڪٽيويٽي تي خاص ڌيان ڏيڻ ۽ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. جي ايس پلس اسڪيم جي اهميت کي اجاگر ڪندي مم??ڪتي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ پاڪستان ۽ يورپي يون??ن جي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن پاڪستان ۾ ترقي ۽ غربت جي خاتمي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اها ٻنهي ڌر??ن جي لاءِ ڪاميابي آهي. بيان موجب پاڪستان ۽ يورپي يون??ن جي ڳالهين وارو عمل اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان جو حصو آهي جيڪو امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڊگهي مدي واري مستقبل جي حوالي سان ۽ وسيع البنياد حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌر??ن جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جون برسلز ۾ يورپي يونين جي ٻن ڪمشنرن سان تفصيلي ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں