اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه سختي سان چئي آهي ته اظهار جي آزادي ۽ احتجاج کي خودغرضاڻي بهانن سان مذهب، قابل احترام مذهبي شخصيتن، مقدس صحيفن ۽ علامت?? جي توهين کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي، اسلامي دنيا جي اجتماعي آواز طور تي او آءِ سي کي ان معاملي تي ٺوس ۽ جامع حڪم?? عملي تيار ڪرڻ گهرجي ۽ اهو مسئلو گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل ۽ گڏيل قوم?? جي ٻين لاڳاپيل فورمز ۽ ادارن آڏو اٿارڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. قرآن پاڪ جي سرعام بي حرمتي ڪرڻ جي بي بار پيش ايندڙ واقعن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪستان پاران ان ڄاڻي واڻي ۽ اشتعال انگيز ڪاررواي?? جي شديد مذمت ڪئي، جنهن سان سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا ??هن. هن زور ڏيندي چيو ته اظهار جي آزادي ۽ احتجاج کي خودغرضاڻي بهانن سان مذهب، قابل احترام مذهبي شخصيتن، مقدس صحيفن ۽ علامت?? جي توهين کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم اسلامو فوبيا جي انهن رجحانن ۽ واقعن بابت مسلمان امت جي خدشن ۽ مطالبن کي بيان ڪرڻ ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي ڪردار کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسلامي دنيا جي اجتماعي آواز طور تي او آءِ سي کي هڪ ٺوس ۽ جامع حڪم?? عملي تيار ڪرڻ گهرجي، جنهن جو مقصد پنهنجي موقف بابت عالمي سطح تي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ مسلم دشمني ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقع?? جي خلاف قانوني ۽ سياسي مزاحمت پيدا ڪرڻ آهي. ان معاملي تي جنيوا ۾ قائم انساني حقن واري ڪائونسل ۾ فوري بحث منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪندي وزيراعظم وڌيڪ زور ڏنو ته او آءِ سي کي اهو مسئلو گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل ۽ گڏيل قوم?? جي ٻين لاڳاپيل فورمز ۽ ادارن آڏو اٿارڻ گهرجي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل قرآن پاڪ جي سرعام بي حرمتي جي ڪڌي واقعن تي پاڪستا?? جي مذمت ۽ ڳڻتي جي ??ما??ت ڪئي. هن اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي پڪي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل ان معاملي تي خاص طور تي او آءِ سي جي ڳالهين ۾ پاڪستا?? جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو.
اظهار جي آزادي ۽ احتجاج کي خودغرضاڻي بهانن سان مذهب، قابل احترام مذهبي شخصيتن، مقدس صحيفن ۽ علامتن جي توهين کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں