اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيني ص??ر شي جن پنگ جي دعوت تي اسلام آباد کان بيجنگ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يا?? موجب نگران وزيراعظم پنهنجي چين جي دوري دوران 17 ۽ 18 آڪٽوبر تي منع??د ٿيندڙ عالمي تعاون بابت ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾شرڪت ڪندو. بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پ??ڪس??ان جي نمائندگي ڪندي نگران وزيراعظم چين پ??ڪس??ان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت گذريل 10 سالن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪاميابي سان گڏوگڏ مستقبل جي هدفن ۽ ان جي اهم منصوبي تي پ??ڪس??ان جي ڀرپور تعاون جو ورجاءُ ڪندو. نگران وزيراعظم بي آر ايف جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ 18 آڪٽوبر تي ”اوپن عالمي معيشت ۾ رابطا) جي موضوع تي منعقد اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم چين ۾ چيني ص??ر شي جن پنگ سان ٻطرفي ملاق??ت سان گڏوگڏ اعليٰ چيني قيادت ۽ فورم ۾ شريڪ ٻين ملڪن جي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم پ??ڪس??ان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ چين ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقات ڪندو. سنڪيانگ ۽ پ??ڪس??ان جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ نگران وزيراعظم اورمچي جو دورو ڪندو جتي نگران وزيراعظم اتان جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪندو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيني صدر شي جن پنگ جي دعوت تي اسلام آباد کان بيجنگ روانو
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے