اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪول کان ٻاهر 2 ڪروڙ 80 لک ٻارن کي تعليم فراهم ڪر?? جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ مسجدن کي خواندگي ۽ تعليمي مقصدن جي ل??ءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، مسجدون ۽ مدرسا هيٺئين سطح تي اهم سما??ي ۽ صحت جي مسئلن بابت بيد??ري پيدا ڪرڻ کانسواءِ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ مسجدن ۽ مدرسن بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي و??ري نگران وفاقي وزير انيق احمد، اسلامي نظريايت ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبلا اياز، صوبائي وزيرن ۽ اوقاف ۽ مذهبي معاملن و??ري اد??ري جي نمائندن سان گڏوگڏ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت و??ري وزارت جي ع??لد??رن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر اٽڪل 28 ملين ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ هڪ تمام وڏو چئلينج آهي جنهن جي ل??ءِ هزارين نئين اسڪولن ۽ اضافي وسيلن جي ضرورت هوندي. هن اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم فراهم ڪر?? جي لاءِ معاشري پاران غيرروايتي حل ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت و??ري وزارت جي ع??لد??رن اجلاس کي ٻڌايو ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏي?? جي لاءِ هڪ جلد سکڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي. صدر چيو ته مسجدون ۽ مدرسا جمعي جي خطبن جي ذريعي اخلاقي قدرن، ڀائيچاري، رواداري، امن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ هڪ ٻئي جي حقن جي احترام کي فروغ ڏئي معاشري جي اصطلاح ۽ معاشرتي براين تي ابطو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن مسجدن جي ذريعي ذهني ۽ عمومي صحت جي مسئلن، آبادي جي ڀلائي، بين المذاهب هم آهنگي، عورتن جي حقن ۽ ڪميونٽي جي سطح تي غذائي کوٽ بابت شعور اجاگر ڪر?? جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر وڌيڪ چيو ته صحت، تعليم ۽ مذهبي معاملن جي وزارتن پاران وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مسجدن ۽ مدرسن جي شموليت سان ماڻهن کي سما??ي ۽ صحت جي مسئلن بابت آگاهي فراهم ڪر?? جي لاءِ ٺوس انداز اختيار ڪيو وڃي.
اسڪول کان ٻاهر 2 ڪروڙ 80 لک ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي مقصد لاءِ مسجدن کي استعمال ڪري سگهجي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی