اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اسلامي جمهوريه ??ير??ن جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??ير??ن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو دور پڻ ٿيندو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي ??ير??ني صدر جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو، ??ير??ني صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس جي سبزه زار ۾ ڌرتيءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان ٻوٽو لڳائيندا. ٻئي اڳواڻ ??ير??ن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. ٻئي اسلام اسلام آباد جي هڪ شاهراهه کي ??ير??ن اوينيو جو نالو ڏيڻ جي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيندا. ٻئي اڳواڻ هڪ گڏيل پريس ٽاڪ پڻ ڪندا. وزيراعظم ??ير??ني صدر ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏيندو.
ايران جو صدر ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي هڪ شاهراهه کي ايران اوينيو جو نالو ڏيڻ جي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيندا
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔