اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي سهڪار، ترقي ۽ ترقي لاءِ توانائي جي حوالي سان عالمي اقتصادي فورم (ڊبليو اي ايف) جي ٻن ڏينهن واري خاص اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گذريل ڏينهن ڇنڇر تي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض پهچي ويو. وزيراعظم کي عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان آل سعود ?? عالمي اقتصادي فورم جي باني ۽ ايگزيڪيوٽو چيئرمين پروفيسر ڪلائوس شواب طرفان ڏني وئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان گذريل ڏينهن جاري هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي، ته وزيراعظم سان وفد ۾ ڪابينه جا اهم ميمبر پڻ شامل هوندا. ان موقعي تي عالمي اڳواڻن سان گڏ ملاقاتن دوران وزيراعظم صحت، مالياتي ٽيڪنالوجيز، انفارميشن ٽيڪنالاجي، جامع ترقي، علائقائي سهڪار ?? عالمي ترقي لاءِ توانائي جي متوازن ۽ جٽادار استعمال جي حوالي سان پاڪستان جو موقف دنيا آڏو رکندو. عالمي اقتصادي فورم جي ان خاص اجلاس جي موقعي تي سندس عالمي اڳواڻن، عالمي ادارن جي سربراهن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ٻه طر??ين ملاقاتن جا به امڪان آهن. عالمي اقتصادي فومر طرفان جاري هڪ پريس پڌرائي ۾ چيو ويو آهي، ته ڪاروباري شعبي، حڪومت ۽ تعليمي ادرن سان واڳيل اٽڪل هڪ هزار اڳواڻ عالمي سهڪار، اوسر ۽ ترقي بابت توانائي تي خاص اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. 28 کان 29 اپريل تائين منعقد ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ تيزي سان بگڙجندڙ جاگرافيائي، سياسي ۽ اقتصادي ماحول کي درپيش چئلينجن جي وچ ۾ عالمي سطح تي ترقي جي بحالي لاءِ نون رستن تي ڌيان ڏنو ويندو. واضح رهي ته گذريل سال جنيوا، سوئٽزرلينڊ ۾ منعقد ٿيل افتتاحي گروٿ سمٽ جي بنياد تي هي اجلاس 28-29 اپريل تي رياض، سعودي عرب ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ٽن موصعن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. جن ۾ عالمي سهڪار جي بحالي، جامع ترقي لاءِ هڪ جامع ۽ ترقي لاءِ توانائي تي عمل کي متحرڪ ڪرڻ شامل هوندو. فورم کان اتر ۽ ڏکڻ جي ورهاست کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي جيڪو اڀرندڙ اقتصادي پاليسين، توانائي ج?? منتقلي ۽ جاگرافيائي سياسي مسئلن سبب وڌيڪ وسعت اختيار ڪري چڪو اهي. اجلاس جي پروگرام ۾ ڪيترائي عالمي مسئلا به شامل هوندا. ٻن ڏينهن واري خاص اجلاس جي موضوعن ۾ جاگرافيائي سياسي هلچل، خاص طور تي يوڪرين ۽ غزه جا تڪرار شامل آهن. عالمي سطح تي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ اقتصادي ترقي ۽ ملازمتن جي تخليق جي نون قسمن جي وضاحت ۽ ڊيزائن، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ترقي، سپلاءِ چينز جي نئين سر تنظيم ۽ هڪ منصفاڻو ۽ جٽادار توانائي ج?? منتقلي کي اڳيان وڌائڻ جي ضرورت آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب روانو
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون