اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزير??تا?? ۾ ڇوڪرين جي لاءِ قائم نجي اسڪول تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته قوم جي ڌيئرن جي تع??يم ۾ رنڊڪ پيدا ڪر?? جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگرد عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي فوري نشاندهي ۽ سزا يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم حملي ۾ اسڪول جي تباهه ٿيل حصي کي فوري طور ت سرڪاري خرچ تي ٻيهر تعمير ڪر?? جي هدايت ڪئي. هن چيو ته دهشتگردن جي ڇوڪرين جي تع??يم کي روڪڻ جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، قوم جي ڌيئرن جي تع??يم ۾ رنڊڪ پيدا ڪر?? جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگرد عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? باصلاحيت ڌيئرن کي تع??يم جي زيور سان ليس ڪر?? ۽ انهن کي ترقي جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪر?? جي لاءِ پنهنجي ڀرپور سگهه سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
وزيراعظم پاران اتر وزيرستان ۾ ڇوڪرين جي لاءِ قائم نجي اسڪول تي دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa