اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ تي اطمينان ??و اظهار ڪندي چيو آهي ته آگسٽ مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو اچڻ معيشت ۾ بهتري جي حوالي سان ??ڪومتي قدمن جي عڪاس آهي، معاشي ماهرن پاران ??يپٽمبر جي مهيني ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي قوم جي لاءِ خوشخبري کان گهٽ نه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڳڻپ واري اداري پاران ??اري رپورٽ ۾ آگسٽ 2024ع دوران مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ جي اعلان ??ي اطمينان ??و اظهار ڪندي چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ??ڪومتي معاشي ٽيم جي محنت نظر اچي رهي آهي، آگسٽ مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو تي اچڻ معيشت ۾ بهتري جي حوالي سان ??ڪومتي قدمن جي عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ مهانگائي جي گه?? ترين شرح جو ڪريڊٽ حڪومتي ٽيم جي محنت ڏانهن وڃي ٿو، ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ناڻي واري وزارت جي اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ جي اڳڪٿي جي عين موجب آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته آگسٽ 2024ع ۾ ناڻي واڌ جي شرح 9.5 کان 10.5 سيڪڙو جي وچ ۾ رهندي. هن چيو ته معاشي ماهرن پاران ??يپٽمبر جي مهيني ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي قوم جي لاءِ خوشخبري کان گهٽ نه آهي، 2018ع ۾ به ناڻي واڌ جي شرح کي سنگل ڊيجٽ تي ڇڏي ويا هئاسين، 2018ع کانپوءِ چار سالن ۾ ڏوهاري غفلت ۽ عوام دشمن پاليسين جي ڪري معيشت بدحالي جو شڪار رهي، مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو ۽ عوام جي لاءِ پريشاني جي دور جي شروعات ٿي. هن چيو ته اسان پنهنجي سياست جي قرباني ڏئي ملڪي معيشت کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان ??چايو، معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان نه رڳو معيشت مستحڪم ٿي پر ترقي طرف گامزن آهي، خادم پاڪستان ??ون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ عوام سان وچن ڪيو هو ته انهن جي پريشانين کي گهٽ ڪرڻ تائين سک سان نه ويهندس. هن چيو ته الله تعاليٰ جو وڏو ڪرم آهي جو پنهنجا واعدا پُورا ڪرڻ طرف گامزن آهيون، حڪومتي معاشي سڌارن جا مثبت نتيجا عوام جي خوشحالي جي صورت ۾ عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، عام ماڻهو جي زندگي کي آسان ۽ ان ??ي معاشي خوشحالي کانسواءِ پاڪستان ??ي ترقي جو هدف حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي.
وزيراعظم پاران مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار، آگسٽ مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو اچڻ معيشت ۾ بهتري جي حوالي سان حڪومتي قدمن جي عڪاس آهي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔