اسلام آب??د-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پوليو بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشا رضا فاروق چيو آهي ته ملڪ جي 66 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس موجود آهي، پوليو روڪٿام مهم ڪامياب?? سان جاري آهي ۽ سڄي ملڪ جي 115 ضلعن ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي حفاظتي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي. جمعي ڏينهن صحت واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق عائشا رضا فاروق چيو ته پوليو وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليو مهم ڪامياب?? سان جاري آهي. جاري پوليو مهم ۾ سڄي ملڪ جي 115 ضلعن ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ٻارن کي حفاظتي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ پوليو پروگرام جو نئين سر جائزو وٺڻ کانپوءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي. وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان پوليو جي خاتمي جو حتمي پلان جوڙيو آهي. پلان مطابق سيپٽمبر، آڪ??وب?? ۽ ڊسمبر ۾ 3 مهمن ذريعي وائرس جي پکي?? کي روڪڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هن وقت 66 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس موجود آهي. ڪوالٽي وارين 03 پوليو مهمن ذريعي ان وائرس جي پکي?? کي روڪي محدود ڪري ڇڏينداسي??. ع??ئشا رضا فاروق چيو ته سيپٽمبر مهم جي هدف مطابق 2 لک 85 هزار پوليو ورڪر گهر گهر پوليو مهم ۾ سمورن ٻارن جي ڪوريج کي يقيني بڻائي رهيا آهن، وڌيڪ ٻه مهمون آڪ??وب?? ۽ ڊسمبر ۾ منعقد ڪيون وينديون. ٿڌي موسم ۾ سائنٽيفڪ حڪمت عمل?? سان ان جو خاتمو ڪنداسين. جون 2025 تائين بهترين حڪومت عمل?? سان پوليو تي ضابطو آڻينداسين.
پوليو روڪٿام مهم ڪاميابي سان جاري آهي: عائشا رضا فاروق
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania