اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سعودي عر?? سان معيشت، واپار، دفاع، ثقافت، تعليم ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ پنهنجي قومن جي ترقي، مسلمان امت جي اتحاد سميت خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سعودي عر?? جي 94 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي مقامي هوٽل ۾ سعودي سفارتخاني پاران منعقد آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪي??. ت??ري?? ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي گورنرز ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ کانسواءِ وفاقي وزيرن، پاڪستان ۾ سعودي عر?? جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي، غيرملڪي سفارتڪارن، سعودي شهرين، معززين ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ سعودي عر?? جي عوام کي قومي ڏينهن جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻئي ڀائر ملڪ مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا رکن ٿا ۽ انهن مشڪل وقت ۾ سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. صدر آصف علي زرداري ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن ۽ سعودي عر?? جي ترقي کي ساراهيندي چيو ته ولي عهد جا جرئتمنداڻا قدم سعودي عر?? کي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪندا. صدر تبديلي جي سفر ۾ سعودي عر?? جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر سعودي عر?? پاران پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ اٽڪل 27 لک پاڪستانين جي ميزباني تي ٿورا مڃيا جيڪي سعودي عر?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. صدر چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي قومن جي ترقي، مسلمان امت جي اتحاد ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ان کان اڳ ت??ري?? جي شروعات پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي قومي ترانن جي ڌُن سان ٿي. ان موقعي تي صدر سعودي عر?? جي سفير ۽ ٻين مهمانن سان گڏ سعودي عر?? جي 94 هين سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽي??. ت??ري?? ۾ صدر پيرس اولمپڪس جي گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم کي غلاف ڪعبه تحفي طور پيش ڪيو.
صدر آصف علي زرداري پاران سعودي عرب سان معيشت، واپار، دفاع، ثقافت، تعليم ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش