اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اس??ائيل جي وڌندڙ مهم جوئي ۽ عالمي قانونن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪري وچ اوڀر ۾ سلامتي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته لبنان جي خلاف جاري فوجي جارحيت گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ان خطرناڪ اضافي اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ خطر?? ۾ ??جهي ڇڏيو آهي، پاڪستان لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ??اء?? پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اس??ائيلي قابض فوج غزه ۾ اٽڪل هڪ سال کان منظم نسل ڪشيءَ جي مهم ۾ ملوث ۽ عالمي قانساني قانون جي سنگين خلاف ورزين ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هلندڙ هفتي اس??ائيل 88 فلسطينين جي ڳڙيل سڙيل لاشن جو هڪ ڪنٽينر غزه موڪليو جنهن ۾ متاثرين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي موت جي وقت ۽ سبب بابت ڪا معلومات نه ڏني وئي. ترجمان چيو ته اهو ناقابل معافي ??حش??اڻو فعل عالمي انساني قانون جي خلاف ورزي آهي، مرندڙن جا نالا ۽ جنس لڪائي اس??ائيلي قابض فوج متاثرين کي انهن جي تڪريم کان محروم ڪيو ۽ انهن جي گهرڀاتين جي مصيبتن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته خاندان کي پنهنجي پيارن کي عزت سان دفن ڪرڻ جي حق کان محروم نه ڪرڻ گ??رجي. ترجمان چيو ته اس??ائيل کي گهرجي ته هو مقتولين جي سڃاڻپ ظاهر ڪري ۽ انهن جي پونئيرن کي ميتن جي باوقار واپسي کي يقيني بڻائي هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اس??ائيل کي ان جي عالمي دهشتگردي جي ڪاررواين، جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده قرار ڏيڻ جي ??اء?? فوري ڪارروائي ڪري.
پاڪستان پاران اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي ۽ عالمي قانونن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪري وچ اوڀر ۾ سلامتي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے