اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سمورن سرڪاري ادارن ۾ ??فا?? طريقي سان خريداري ۽ خدمتون حاصل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومتي ادارن ۾ پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ ??فا??يت آڻڻ سان ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌيڪ وڌندو، سرڪاري ادارن ۾ خريداري ۽ سروسز حاصل ڪرڻ جي لاءِ خصوصي پروڪيورمنٽ سيل قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پبلڪ پروڪيورمنٽ ۽ گڊ گورننس جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سمورن سرڪاري ادارن ۾ ??فا?? طريقي سان خريداري ۽ خدمتون حاصل ڪرڻ جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومتي ادارن ۾ پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ ??فا??يت آڻڻ سان ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌيڪ وڌندو. وزيراعظم پيپرا (پي پي آر اي) ۾ سڌارا آڻي ان کي ڪنهن به قسم جي اثررسوخ کان پاڪ بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سمورن سرڪاري پروڪيورمنٽس ۾ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن بشمول ڪوالٽي انشورنس يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ شڪايتن جي ازالي جي لاءِ پروڪيورمنٽ ايجنسي کان هٽي ڪري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پيپرا ۾ ميرٽ تي باصلاحيت، پيشيور ۽ گهربل تجربو رکندڙ ماهر مقرر ڪيا وڃن. وزيراعظم سمورن سرڪاري ادارن کي اي پروڪيورمنٽ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سرڪاري ادارن ۾ خريداري ۽ سروسز حاصل ڪرڻ جي لاءِ خصوصي پروڪيورمنٽ سيل قائم ڪيا وڃن، سرڪاري م??املن ۾ ??فا??يت ملڪي تر??ي جي لاءِ لازمي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پيپرا آرڊيننس ۽ لاڳاپيل قاعدن ۽ ضابطن جو جائزو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهي تر??يمون جلد وفاقي ڪابينا جي منظوري جي لاءِ پيش ڪيون وينديون، انهن تر??يمن جو مقصد پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ ??فا??يت ۽ انهن کي موجوده دور جي گهرجن موجب آڻڻ آهي. اجلاس ۾ اقتصادي م??املن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ناڻي واري وفاقي وزير اورنگزيب خان، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پيپرا بورڊ ميمبرن، ورلڊ بئنڪ ڪنٽري ڊائريڪٽر ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
سمورن سرڪاري ادارن ۾ شفاف طريقي سان خريداري ۽ خدمتون حاصل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil